اسلام آباد – 30 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پاڪستان ??ستحڪم افغانستان جي لا??ِ ڪوششون ڪري رهيو آهي، اسان خطي ۽ عالمي ??اقتن سان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهيون، ماضي ۾ افغانستان کي اڪيلو ڇڏيو ويو، دنيا ماضي جي غلطي کي ٻيهر ورجائي رهي آهي، اميد آهي ته پاڪستان جي قيادت ۾ ترڪيءَ ۽ علائقائي طاقتن جي ڪوششن سان ??هندڙ حڪومت جي عالمي ??اقتون پڻ حمايت ڪنديون. اهڙن خيالن جو اظهار هن پرڏيهي نشرياتي اداري کي انٽرويو ڏيندي ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ڊگهي عرصي کان افغانين سان گڏ ڪم ڪيو آهي، جڏهن افغانستان ??ان روس نڪتو ته تمام گهڻا مسئلا پـٺتي رهجي ويا، هاڻي آمريڪا ۽ نيٽو فوج افغانستان ??ان تيزي سان انخلا ڪيو آهي، هاڻي پاڪستان ان ??عاملي تي گهري نظر رکي آهي، پاڪستان افغانستان جي حوالي سان ذميواراڻو ڪردار ادا ڪيو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان سالن کان 35 لک افغان ??ناهگيرن جي ميزباني ڪري رهيو آهي، اسان جي معيشت وڌيڪ بار نه ٿي کڻي سگهي، ماضي ۾ افغانستان کي اڪيلو ڇڏيو ويو، دنيا ماضي جي غلطي کي ٻيهر ورجائي رهي آهي. هن چيو ته افغانستان جي ڏکي صورتحال جي ڪري ٺوس ۽ مخلوط حڪومت ضروري آهي، افغان ??سئلي جي حل لا??ِ عالمي ??رادري جون ڪوششون ضروري آهن. چوڌري فواد حسين چيو ته موجوده صورتحال جي ڏس ۾ افغانستان کي شدت پسند تنظيمن جو مرڪز بڻجڻ نه گهرجي، پاڪستان ??ستحڪم افغانستان جي لا??ِ ڪوششون ڪري رهيو آهي، اسان خطي ۽ عالمي ??اقتن سان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهيون، افغانستان ۾ بدامني نه رڳو پاڪستان ??ر دنيا جي لا??ِ نقصانڪار آهي. هن چيو ته هن وقت پناهگيرن جو ڪو بحران ??ه آهي، اسان جي سرحدن تي معمول موجب ڪم جاري آهي، اسان ڪابل مان ??رڏيهين ۽ غيرملڪي ادارن ۾ ڪم ڪندڙن کي ڪڍيو آهي، پي آءِ اي جي ذريعي 4500 ماڻهن کي ڪابل مان ڪڍيو ويو آهي. چوڌري فواد حسين چيو ته پناهگيرن جي لا??ِ سرحد تي انتظام ڪيا آهن، افغان ??ناهگيرن جي حوالي سان ??وس حڪمت عملي جوڙي آهي، ماضي وانگر صورتحال پيدا نه ٿيندي، دنيا ان چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لا??ِ پاڪستان جي مدد جي لا??ِ اڳتي اچي. هن چيو ته افغانستان بابت وزيراعظم عمران خان جي مشوري کي نظرانداز ڪيو ويو، اشرف غني افغانستان ۾ عام چونڊون نه ڪرايون، ٺوس حڪومت نه جوڙي وئي، اهي ٻه قدم نه کڻن سان ??ڏا مسئلا پيدا ٿيا. هن چيو ته پاڪستان ڪوشش ڪري رهيو آهي ته افغانستان ۾ ٺوس حڪومت جي حمايت ڪئي وڃي، روس، چين، پاڪستان ۽ افغانستان تي ٻڌل ٽرائيڪا پلس اهم آهي، ان حوالي سان ??ار ملڪن ۽ ايران جو پڻ اهم ڪردار آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ ترڪي ان ??عاملي تي گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن، پاڪستان ۽ ترڪي افغانستان ۾ امن جا خواهشمند آهن، افغانستان ۾ حڪومت افغانين کي جوڙڻي آهي، ان حوالي سان خطي جي ۽ عالمي ??اقتن تي وڏي ذميواري لاڳو ٿئي ٿي. هن اميد ظاهر ڪئي ته پاڪستان جي قيادت ۾ ترڪي ۽ علائقائي طاقتن جي ڪوششن سان ??هندڙ حڪومت جي عالمي ??اقتون به حمايت ڪنديون.