اسلام آباد – 13 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان نادرا هيڊ??وا??ٽر جو دورو ڪيو ۽ پرڏيهين جي شناختي ڪارڊ ۽ ورڪ پرمٽ ڪارڊ جاري ڪرڻ ۽ ويڪسينيشن سرٽيفڪيٽ جي تصديق لاءِ نادرا جي نئين موبائيل ايپ ۽ شناختي ڪارڊ جي قومي تصديق ۽ تجديد منصوبن جو افتتاح ڪ??و. ??ادرا پاران جاري ڪيل بيان موجب نادرا هيڊ??وا??ٽر آمد تي گهرو وزير شيخ رشيد احمد وزيراعظم عمران خان جو استقبال ڪيو، وزيراعظم کي نادرا چيئرمين محمد طارق ملڪ ويزن ڊجيٽل پاڪستان تي بريفنگ ڏني، وزيراعظم 66 نئين آفيسن ۽ 90 نئين موبائيل رجسٽريشن گاڏين جو به افتتاح ڪ??و. ??زيراعظم جي هدايت تي نادرا آفيسن جو دائرو سڄي ملڪ جي سمورن تعلقن تائين وسيع ڪ??و پيو وڃي، وزيراعظم عمران خان پنهنجي واعدي جي تڪميل ڪندي ڪيترن ئي ڏهاڪن کان رهندڙ غير ملڪي ماڻهن کي سماجي ۽ معاشي ڌارا ۾ شموليت کي يقيني بڻائڻ لاءِ ايليئن شناختي ڪارڊ ۽ ورڪ پرمٽ ڪارڊ جاري ڪرڻ جو افتتاح ڪيو، ان ڪارڊ جي ڪري پاڪستان ۾ رهندڙ غير ملڪي ماڻهن ۽ انهن جا وارث پنهنجو ڪاروبار، نجي تعليمي ادارن ۾ داخلا جي سهولت، نجي نوڪريون حاصل ڪرڻ، موبائيل سم ڪارڊ، بجلي گئس جا ڪنيڪشن حاصل ڪرڻ، بئنڪ اڪائونٽ کولرائڻ، گاڏي جي رجسٽريشن ۽ خريد ۽ وڪري جهڙن سهولتن مان مستفيد ٿي سگهندا ۽ اهو ڪارڊ رکندڙ ماڻهو فارن ايڪٽ تحت قانوني چاره جوئي کان بچي به سگهندا.