اسلام آباد – 28 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ان ڳالهه جو ورجا??ُ ڪيو آهي ته پوليو جو خاتمو حڪومت جي اولين ترجيح آهي، ڪووڊ – 19 بابت چئ??ينجن جي باوجود سڄي ملڪ ۾ پوليو جي خاتمي واري مهم کي تيز ڪرڻ ??ون ڪوششون ڪيون پيون وڃن، گھٽ آمدني وارن ملڪن کي برابر، وقت سر ۽ وڏي پئماني تي ڪووڊ – 19 ويڪسين فراهمي جي ضرورت آهي، وزيراعظم عمران خان بل اينڊ ميلنڊا گيٽس ف??ئو??ڊيشن جي شريڪ چيئرمين بل گيٽس سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو. ڳالهين دوران ڪووڊ – 19 وبا جي تازه ترين صورتحال، پوليو جي خاتمي جي مهم، صحت، ترقياتي معاملن ۽ ماحولياتي تبديلين تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.