اسلام آباد – 09 ف??بر??ري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پي ڊي ايم نالي سازشي جٿو بدعنوان دوست نظام جي حمايت ذريعي ووٽ جي خريد ۽ وڪري، ڪرپشن ۽ مني لانڊرنگ جي ڪمائي بچائڻ چاهي ٿو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ گذريل ??ين??ٽ چونڊن ۾ ووٽ جي خريد ۽ وڪري جي وڊيو تي پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته وڊيوز ۾ نمايان اُهو شرمناڪ طريقو جنهن کي سياستدان ??ين??ٽ ۾ ووٽن جي خريد ۽ وڪري جي لاءِ استعمال ڪن ٿا، هڪ ٻئي پٺيان مڙهيل حڪمران ا??را??يه جنهن قوم کي قرض ۾ ٻوڙيو، جي هٿان قومي اخلاقيات جي مڪمل تباهي جي عڪاسي آهي. ڪرپشن ۽ مني لانڊرنگ جو اهو دور اسان جي سياسي ا??را??يه جو هڪ ڪڌو داستان آهي. وزيراعظم چيو ته هي اقتدار ۾ اچڻ جي لاءِ پئسو استعمال ڪن ٿا ۽ پوءِ پنهنجي اقتدار جي استحڪام لاءِ سرڪاري آفيسرن ۽ ميڊيا سميت ٻين فيصلاسازن جي خريداري جي ڏس ۾ مال ٺاهڻ ۽ قوم کي ڦري پرڏيهي کاتا ڀرڻ/ اثاثا ٺاهڻ ۽ ٻاهرئين ملڪ ملڪيتن جي خريداري جي لاءِ مني لانڊرنگ جي لاءِ پنهنجي سياسي قوت استعمال ڪن ٿا. هن چيو ته پي ڊي ايم نالي سازشي جٿو هاڻي بدعنوان دوست نظام جي حمايت ذريعي ??هو ئي سڀ ڪجهه ته بچائڻ چاهي ٿو. عمران خان چيو ته اسان قوم جي ڪمزوري بڻجندڙ بدعنواني ۽ مني لانڊرنگ جي ان سلسلي جي خاتمي لاءِ پوري طرح پرعزم آهيون.