ڪراچي – 03 ??گس?? ( اي پي پي ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي مرڪزي اڳواڻ ۽ سنڌ اسيمب??ي ۾ پارليماني ليڊر حليم عادل شيخ پي ٽي آئي اڳواڻن سان گڏ حنيد لا??اڻ?? سيڪريٽريٽ ۾ اهم پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته گذريل سال دهشتگرد مودي سرڪار ڪشمير تي ظلم، ڏ??ڍ، جبر ڪندي غير آئيني طور تي آرٽيڪل 370 ختم ڪري ڪشميري عوام کان جيئڻ جو حق کسي ورتو هو. پنج ??گس?? 2020 تي مودي سرڪار جي دشتگردي کي 365 ڏينهن مڪمل ٿيڻ وارا آهن. هڪ سال دوران 13582 ڪشميري ماڻهن کي مودي سرڪار گرفتار ڪري تشدد جو نشانو ب??ايو، 1331 نوجوان کي قيد ڪري ظلم ڪيو ويو. هڪ بزرگ شهري کي قتل ڪري ان جي ڏوهٽي کي مٿان ويهاريو ويو اهو ظلم پوري دنيا ڏٺو. هڪ هزار کان مٿي ڪمشيري عوام جا گهر ڊاهي پٽ ڪيا ويا ويا آهن. پوري سال کان ڪشمير ۾ موبائل سروس، انٽرنيٽ، سميت سمورو مواصلاتي نظام بند پيل آهي مودي سرڪار نٿي چاهي ٿي سندس دشتگردي دنيا ڏسي. انهي عرصي ۾ هڪ لک چوئيتاليهه هزار پنج سو ڪشميري نوجوانن کي لاڪ ڊائون لڳائي بي زورگار ڪيو ويو.