اسلام آباد – 28 مئي (اي پي پي) هوا بازي واري وفاقي وز??ر غلام سرور خان چيو آهي ته 22 مئي 2020ع تي لاهور کان ڪراچي ويندڙ اڏام کي لينڊنگ دوران پيش ايندڙ افسوسناڪ سانحي جي تحقيقات پاڪ فضائيه جي سينئر آفيسرن جي سربراهي ۾ جوڙيل بورڊ ڪري رهيو آهي، سانحي جي شروعاتي ??پورٽ 22 جون تي پارليامينٽ ۽ قوم جي سامهون پيش ڪئي ويندي، جهاز حادثي ۾ 99 مسافر ۽ ڪاڪ پٽ عملو سوار هو جنهن مان 97 شهيد ٿيا ۽ 2 معجزاتي ??ور تي محفوظ رهيا جنهن جي حالت خطري کان ٻاهر آهي، 51 ميتون ڊي اين اي شناخت کانپوءِ وارثن جي حوالي ڪيون ويون آهن، باقي ميتون شناخت جي مرحلي ۾ آهن جنهن کي جلد مڪمل ڪيو ويندو، جاچ رپورٽ سامهون اچڻ تي ??ميدارن جي خلاف ڪارروائي ٿيندي ڪنهن سان ڪا به رعايت نه ڪئي ويندي، شروعاتي ??پورٽ سامهون اچڻ تائين ميڊيا فني رخن تي ??ير ضروري تبصري کان پاسو ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هن پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ ۾ پريس ڪانفرنس جي دوران ڪيو.