اسلام آباد – 13 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پاڪستان پوسٽ پي??شن فنڊ قائم ڪرڻ جي اصولي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اهو فيصلو وزيراعظم جي صدارت ۾ پاڪستان پوسٽ ملازمن جي پينشن جي حوالي سان ٿيل اجلاس ۾ ڪيو ويو. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته پاڪستان پوسٽ جي بجيٽ خرچن جو اٽڪل 34 سيڪڙو حصو پي??شن تي ٻڌل آهي جنهن ۾ ترتيبوار اضافو ٿي رهيو آهي، وزيراعظم جي هدايت تي ملائيشيا جي پي??شن ماڊل کي نظر ۾ رکندي پاڪستان پوسٽ پي??شن فنڊ قائم ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي آهي، پاڪستان پي??شن فنڊ قائم ڪرڻ جو مقصد حڪومت تي پوندڙ پينشن جي بار ۾ گهٽتائي آڻڻ ۽ ملازمن جي پينشن جي معاملن جو بهتر انتظام يقيني بڻائڻ آهي.