اسلام آباد – 06 – جنوري (اي ??ي پي) قائداعظم يونيورسٽي ا??لام آباد جي پبلڪ ايڊمنسٽريشن شعبي جي شاگردن ۽ شاگردياڻين جي وفد قومي خابرو اداري ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي ??ي پي) هيڊڪوارٽرز جو دورو ڪيو. وفد اي ??ي پي جي مختلف شعبن بابت معلومات حاصل ڪئي ۽ اي ??ي پي جي ايم ڊي محمد عاصم کچي سان هڪ خصوصي ويهڪ پڻ ڪئي. وفد ۾ شامل شاگردن ارسل ضرغ??م باجوه، ڪامران علي، مسڪان عالم، مناهل خان ۽ صفدر حسين اي ??ي پي ۽ ميڊيا بابت مختلف سوال ڪيا جن جا جواب ڏيندي اي ??ي پي جي ايم ڊي ٻڌايو ته قومي خابرو ادارو ذميواراڻي صحافت تي يقين رکي ٿو ۽ قومي نظرين جي عڪاسي ??ري ٿو.