اسلام آباد – 07 – جنوري (اي پي پي) ??در آصف علي زرداري خيبرپختونخواهه ۾ ٽن مختلف ڪاررواين دوران 19 ??هش??گردن کي جهنم واصل ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته پوري قوم ??هش??گردي جي خلاف متحد آهي، ??هش??گردي جي مڪمل خاتمي تائين فتنه الخوارج جي خلاف ڪارروايون جاري رهنديون. ايوان ??در جي پريس ونگ موجب ??در پنهنجي بيان ۾ انٽيلي جنس تي ٻڌل ڪامياب آپريشنز دوران 19 خوارج کي جهنم واصل ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي بهادري کي ساراهيو. ??در ڪارروائي دوران شهادت ماڻيندڙ 3 بهادر جوانن کي پڻ خراج عقيدت پيش ڪيو. ??در آصف علي زرداري لانس حوالدار عباس علي، نائيڪ محمد نذير ۽ نائيڪ محمد عثمان جي وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ شهيدن جي درجن جي بلندي، گهرڀاتين جي لاءِ صبر ۽ جميل جي دعا ڪئي. ??در ملڪ مان فتنه الخوارج جي مڪمل خاتمي جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ??در جو چوڻ هو ته سيڪيورٽي فورسز ??هش??گردي جي لعنت جي خاتمي جي لاءِ ڪارروايون ڪري رهي آهي.