اسلام آباد-24 نومبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي ??يل??روس جي 68 رڪني اعليٰ سطحي وفد جو اسلام آباد پهچڻ تي شاندار استقبال ڪيو. وفد ۾ ??يل??روس جو پرڏيهي وزير، توانائي وارو وزير، صحت، عدل ۽ انصاف، مواصلات، قدرتي وسيلن، هنگامي حالتن وارن وزي?? سميت چيئرمين ملٽري انڊسٽري ڪميٽي شامل آهن، وفد ۾ ??يل??ورس جي 43 وڏيون ڪاروباري شخصتيون به شامل آهن. گهرو وزير ??يل??روس جي پرڏيهي وزير ميڪسم ريجنڪوف ۽ توانائي واري وزير سان ملاقات ڪئي. گهرو وزير چيو ته وفد کي اسلام آباد پهچڻ تي ڀليڪار چئون ٿا، پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام ??يل??روس جي صدر اليگزينڊر لوڪا شينڪو جي اڄ اچڻ جا منتظر آهيون. گهرو وزير چيو ته ??يل??روس جي صدر جو دورو ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ انتهائي اهميت رکندڙ آهي. پاڪستان ??يل??روس سان لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. پاڪستان ??يل??روس سان لاڳاپن کي مختلف شعبن ۾ اڳ??ي وڌائڻ جو خواهشمند آهي. هن چيو ته دوري سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ صنعت ۽ واپا?? سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي هٿي ملندي.