اسلام آباد-31 آڪٽوبر (اي پي پي) خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته پاڪستان امن پسند ملڪ آهي جيڪو خطي ۾ استحڪام، امن ۽ عالمي پارلياماني لاڳاپن کي ??هتر بڻائڻ لاءِ پُرعزم آهي، عالمي سطح تي امن جي قيام جون ڪوششون عالمي سهڪار بنا ممڪن ناهن، پاڪستان عالمي امن کي هٿي ڏيڻ لاءِ سمورن هاڪاري قدمن ۾ شامل رهڻ جو خواهشمند آهي. ڪي پي ڪي مذهبي سياحت کي ??اريخي ماڳن سان گڏوگڏ قدرتي نظارن سان مالامال آهي، ڪي پي ڪي جو روشن اميج دنيا آڏو روشن ڪرڻ انتهائي ضروري آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن يونائيٽيڊ پيس فيڊريشن انٽرنيشنل ۽ انٽرنيشل ايسوسيئيشن آف پارليامينٽيرنيز فار پيس جي چيئر??ين ڊاڪٽر چارلس ايس يانگ جي قيادت ۾ وفد سان ملاقات دوران ڪيو. وفد ڪي پي ڪي جي گورنر سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ هائوس آف نمائندن نيپال جي ميمبر ۽ فارن رليشنز اينڊ ٽوئر ازم ڪميٽي نيپال جي چيئر??ين اڪ ناٿ ڍاڪل ۽ آءِ اي پي پي ايشيا جي علائقائي ڪوآرڊينيٽر ڊاڪٽر سنتوش ڪمار، هلال احمر ڪي پي ڪي جي چيئر??ين ح??يب ملڪ اورڪزئي پڻ موجود هئا، ان ملاقات جو مقصد عالمي سطح تي امن کي هٿي ڏيڻ، پارلياماني سهڪار ۽ عالمي لاڳاپن کي مضبوط بنائڻ لاءِ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئ?? ۽ ??ي پي ڪي ۾ مذهبي ٽوئر ازم کي هٿي ڏيڻ هو. ڊاڪٽر چارلس ايس يانگ ۽ سندس وفد جي ميمبرن ڪي پي ڪي ۾ امن جي قيام ۽ عوامي ڀلائيءَ لاءِ گورنر جي ڪوششن کي ??اراهيندي چيو ته عالمي سطح تي امن جي قيام لاءِ پاڪستان جهڙي ملڪ جو ڪردار انتهائي اهم آهي. ڊاڪٽر يانگ چيو ته يو پي ايف ۽ انٽرنيشنل ايسوسيئيشن آف پارليامينٽيرنز فار پيس، پاڪستان سان گڏجي اهڙن قدمن جي همٿ افزائي ڪندو جيڪو نه صرف ملڪي پر عالمي سطح تي استحڪام ۽ امن کي هٿي ڏيندو.