اسلام آباد-24 آڪٽوبر (اي پي پي)رٿابندي، ترقي ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير احسن اقبال جي صدارت هيٺ اجلاس منعقد ڪي?? ويو جنهن ۾ زرعي زمين کي رهائشي مقصد?? جي استعمال لاءِ جامع فريم ورڪ ت??ار ڪرڻ جي هدايت ڪندي ان حوالي سان گڏيل اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ ۽ ترقي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ حڪمت عملي تيار ڪرڻ تي زور ڀريو. اجلاس ۾ چئني صوب?? جي مختلف کات?? جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي، جتي زمي?? جي استعمال کي باقاعده استعمال جوڳو بڻائڻ ۽ رڪارڊ کي ڊجيٽلائيز ڪرڻ جي حوالي سان ڳالهيون ڪي??ن ويون ته جيئن زرعي زمين کي رهائشي مقصد لاءِ اثرائتي طريقي سان استعمال ڪري سگهجي. اجلاس جو مقصد زرعي زمي?? جي اثرائتي استعمال لاءِ گڏيل اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ هو. اجلاس دوران پنجاب جي نمائندن ٻڌايو ته زمي?? جي رڪارڊ جي ڊجيٽلائيزيشن جاري آهي جڏهن ته 11 شهرن جا ماسٽر پلان ڊسٽرڪ پلاننگ اينڊ ڊزائين ڪميٽي مان منظور ڪرايا ويا آهن ۽ باقي منصوبا نومبر جي پڄاڻي تائين مڪمل ٿيڻ جو امڪان آهي. سنڌ جي نمائندن اجلاس دوران ٻڌايو ته ڪراچي جي ماسٽر پلا?? جي تياري آخري مرحلي ۾ آهي جڏهن ته ڪي پي ڪي جي نمائندن جو چوڻ هو ته 6 شهرن لاءِ ماسٽر پلان تيار ڪيا ويا آهن ۽ انهن تي عملدرآمد ??اءِ وڌيڪ هدايتن جو انتظار آهي. وفاقي حڪومت کي هدايت ڏني وئي آهي ته زرعي زمين کي رهائشي مقصدن لاءِ باقاعدگي طور تي تبديل ڪرڻ لاءِ جامع فريم ورڪ ت??ار ڪي?? وڃي. جنهن ۾ صوبن جون تجويزون پڻ شامل ڪي??ن وڃن،.