اسلام آباد-15 آڪٽوبر (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم خشڪ رهندي ??ڏه?? ته بلوچستان جي مٿانهين وارن ۽ سنڌ جي ڏاکڻي علائقن، خيبر پختونخوا ۽ گ??گت بلتستان ۾ جزوي جهڙالي ??هڻ کانسواءِ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان ڪجهه هنڌن تي برسات جو امڪان آهي. موسميات کاتي مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم ۽ خشڪ رهي. اڱاري ڏينهن رڪارڊ ڪيل وڌ ۾ وڌ گرمي پد ڇور ۾ 40، خير??ور?? خانپور ۽ بهاولپور ايئرپورٽ ۾ 39 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.