راولپنڊي – 24 سيپٽمبر (اي ??ي پي) اينٽي نارڪوٽڪس فورس منشيات اسمگلنگ خلاف 11 ڪارروائين ۾ 32 لک روپين جي ماليت جي منشيات هٿ ڪري عورت سميت 10 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. اي اين ايف هيڊڪوارٽر راولپنڊي مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪارروائيون ڪيون ويون. جنهن ۾ راولپنڊي ۾ لاله زار روڊ تي 2 ڪارروائين دوران يونيورسٽي ويجهو 69 گرام چرس هٿ ڪري 2 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو. موٽر وي ٽول پلازه اسلام آباد ويجهو مسافر وين ۾ سوار عورت کان 2.4 ڪلو گرام چرس هٿ ڪري ورتو. اٽڪ ۾ يونيورسٽي ويجهو جوابدار کان 50 گرام، فيصل آباد ۾ يونيورسٽي ويجهو جوابد??ر جي قبضي مان 600 گرام آئيس هٿ ڪئي وئي. شاڳئي شهر جي ڪاليج ويجهو جوابدار کان 300 گرام چرس ۽ 200 گرام آئيس هٿ ڪئي. ڪوئيٽا ۾ شهباز چوڪ ويجهو جوابد??ر جي قبضي مان 940 گرام چرس هٿ ڪيو ويو. ترجمان ٻ??اي?? ته گرفت??ر جوابدار تعليمي ادارن جي شاگردن کي منشيات وڪرو ڪرڻ جو اعتراف ڪيو آهي. ڪينال روڊ لاهور تي جوابد??ر جي قبضي مان 1 ڪلو 40 گرام هيروئن هٿ ڪئي وئي. لاهور ۾ ڪوريئر آفس مان بحرين موڪلڻ لاءِ تيار پارسل مان 450 گرام آئيس هٿ ڪئي. لاهور ۾ والٽن روڊ تي جوابدار کان 360 گرام هيروئن هٿ. ڄامشورو بس اسٽاپ ويجهو جوابدار کان 9 ڪلو گرام چرس هٿ ڪيو ويو. ترجمان مطابق گرفت??ر جوابدارن خلاف منشيات ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري جاچ ش??وع ڪئي وئي آهي.