راولپنڊي-20 سيپٽمبر (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز جي اتر ۽ ڏکڻ ??زي??ستان ۾ آپريشن دوران 12 دهشتگرد ماريا ويا، فائرنگ جي ??ي وٺ ۾ پاڪ فوج جا 6 جوان شهيد ٿي ويا. آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ جهڙپن جا 2 واقعا ٿيا، 19 سيپٽمبر تي پاڪ افغان سرحد تي 7 دهشتگردن جي چرپر ڏٺي وئي جيڪي پاڪستان ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا. سيڪيورٽي فورسز اتر ??زي??ستان جي علائقي اسپن وام ۾ انهن دهشتگردن جو پتو لڳايو ۽ کين موثر انداز ۾ گهيري ستن ئي دهشتگردن کي ماري ڇڏيو. ٻيو واقعو ڏکڻ ??زي??ستان جي علائقي لڌا ۾ پيش آيو جتي خوارجي دهشتگردن جي گروپ سيڪيورٽي فورسز جي چيڪ پوسٽ تي حملو ڪيو. سيڪيورٽي فورسز مقابلو ڪندي 5 خوارجي دهشتگردن کي ماري ڇڏيو جڏهن ته شديد فائرنگ جي ??ي وٺ دوران 6 بهادر جوانن شهادت ماڻي. مارجي ويل دهشتگردن جي قبضي مان وڏي انگ ۾ هٿيار ۽ ڌماڪيدار مادو هٿ آيو ۽ علائقي ۾ موجود ڪنهن به ٻئي خ??رجي کي خ??م ڪرڻ لاءِ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز ملڪ مان دهشتگردي جي لعنت کي خ??م ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي، اسان جي بهادر سپاهين جون اهڙيون قربانيون اسان جي عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪن ٿيون.