اسلام آباد – 16 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قو??ي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پاڪستان فلم انڊسٽري جي سينيئر ۽ ناليواري هدايتڪار ال??اف حسين جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ مرحوم جي گهرڀاتين سان دلي تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ال??اف حسين پاڪستان فلم انڊسٽري جو قيمتي اثاثو هو، هن پنهنجي زندگي ۾ ڪيترين ئي يادگار فلمن ۾ هدايتڪاري ڪئي ۽ پنهنجي محنت ۽ لگن سان پاڪستان فلم انڊسٽري جو نالو روشن ڪيو. هن چيو ته ال??اف حسي?? جو لاڏاڻو نه رڳو پاڪستان فلم انڊسٽري پر پوري ملڪ جي لاءِ ناقابل تلافي نقصان آهي، اڄ ج??هن اسان کيس وڃائي چڪا آهيون ته اسان کي ان جي خدمتن کي ياد رکڻ گهرجي. اطلاعات واري وفاقي وزير دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام ۽ پونئيرن کي صبر ۽ جميل عطا فرمائي.