لنڊن -08 سيپٽمبر (??ي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار گذريل ڏينهن پاڪستاني ڄائي برطانوي پارليامينٽ ميمبر سان پاڪس??ان هائوس لنڊن ۾ تفصيلي ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم کيس پاڪس??ان جي معاشي بحالي جي روڊ ميپ بابت بريفنگ ڏني ۽ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن ڀارتي غيرقانوني طور قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۽ غزه ۾ انساني حقن لاءِ سندس حمايت کي ساراهيو. واضح رهي ته برطانيه جي تازي چونڊ ۾ 15 پاڪستاني ڄاوا پارليامينٽ جا ميمبر چونڊيا ويا آهن. ڊپٽي اسپيڪر هائوس آف ڪامنز نصرت غني سميت ڪيترائي برطانوي پارليامينٽ ميمبر ان موقعي تي دعوت ۾ شريڪ ٿيا. دعوت پاڪس??ان جي هاءِ ڪمشنر ڊ??ڪٽ?? محمد فيصل پاڪس??ان هائوس ۾ ڏني وئي. ان موقعي تي نائب وزيراعظم پاڪستاني ڄائي برطانوي پارليامينٽ ميمبرن کي چونڊن ۾ ڪاميابي تي مبارڪون ڏنيون. نائب وزيراعظم چيو ته پاڪس??ان ۽ برطانيه جي لاڳاپن جي تاريخ، ثقافت ۽ گڏيل مقصدن تي ٻڌل آهي. پاڪستاني ڄائي برطانوي پارليامينٽ ميمبرن جو تعداد 15 ٿي ويو آهي. جيڪو برطانوي جمهوريت جي ڪاميابي جو ثبوت آهي. دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پاڪس??ان وڏ??ون جاني ۽ مالي قربان??ون ڏن??ون آهن. نائب وزيراعظم چيو ته پاڪس??ان حڪومت جي ترقي جي سفر ۾ ڪنهن رڪاوٽ کي برداشت نه ڪنداسين. نائب وزيراعظم، برطانوي پارليامينٽ جي ميمبر سان پاڪس??ان ۾ برطانوي سيڙپڪاري وڌائڻ جي تجويزن تي به ڳاله??ون ڪ??ون جڏهن ته برطانوي پارليامينٽ جي ميمبرن والاريل ڪشمير ۽ غزه جي مظلوم عوام تي مظلمن خلاف آواز اٿاريو.