اسلام آباد-05 سيپٽمبر (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو آهي ته موٽر ويز ۽ هاءِ ويز جي سروس ايرياز ۾ شيون مهانگيون ٿيڻ جو نوٽيس ورتو وڃي. گذريل ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ موٽر ويز ۽ هاءِ ويز جي سروسز ايرياز ۾ کاڌي پيتي جون شيون مهانگيون ٿيڻ جي معاملي تي آسيه ناز تنولي جي ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي وفاقي وزير عبدالعليم خان ايوان کي ??ڌا??و ته اها حقيقت آهي ته انهن ايرياز ۾ اگهه ??ڌي?? آهن، پرائيس چيڪنگ اختيار ضلعي ۽ صوبائي انتظاميه جو آهي، وزارت ضلعي انتظاميه جي سهڪار سان چيڪنگ پڻ ڪئي آهي. هن چ??و ته ان ڳالهه کي يقيني بڻايو ويندو ته سروسز ايرياز ۾ شين جا اگهه ۽ معيار ??عم??ل موجب هجي ۽ ان حوالي سان قدم کنيا ويندا. زهره ودود فاطمي جي سوال تي هن چ??و ته چيڪنگ جا اختيار مق??مي ميجسٽريٽ وٽ هوندا آهن، جيڪڏهن انهن ايرياز ۾ معيار موجب شيون نه هونديون ته انهن خلاف ڪارروائي ٿيندي، اگهن کي ??عم??ل تي آڻڻ لاءِ قدم کنيا ويندا. وفاقي وزير چ??و ته انهن ايرياز ۾ هاڻي برانڊز پنهنجا آئوٽ ليٽس کوليا آهن، ابرابر احمد جي سوال جي جواب ۾ هن چ??و ته ضلعي انتظاميه سميت وزارت پڻ چيڪنگ جي حوالي سان هڪ طريقيڪار تيار ڪندي، هن چ??و ته جي ٽي روڊ جي حالت صحيح ڪرڻ تي ڌيان ڏنو پيو وڃي.