ملتان-26 آگسٽ (اي پي پي)توانائي واري وفاقي وزير سردار اويس لغاري چيو آهي ته ايندڙ هڪ سال ۾ بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائ?? نظر ايندي. پنجاب حڪومت طرفان بجلي جي صارفين کي ڏنل 45 ارب رپين جي رليف کي شفاف انداز سان صارفين سان پهچائينداسين. اهڙو اظهار هن ميپڪو هيڊ ڪوارٽرز ۾ ميڊيا سان ??ال??ائيندي ڪيو. هن چيو ته آءِ پي پيز سان معاملا گڏيل ??ال??ه ٻولهه کانپوءِ ملڪي ۽ عوامي مفادن مطابق طئي ڪيا ويندا. سردار اويس لغاري جو چوڻ هو ته ڪيپسٽي ادائگين جو مسئلو حل ڪرڻ لاءِ به ڪوششون ڪري رهيا آهيون. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته نجڪاريءَ کان اڳ ڊسڪوز جا معاملا ٺيڪ ڪنداسين. پري پيڊ ميٽرز لڳائڻ، صارفين جي مسئلن جي حل ۽ پنجاب حڪومت جي بجلي جي بلن ۾ ڏنل رليف کي شفاف انداز سان صارفين تائين پهچائينداسين. سردار اويس لغاري چيو ته وزارت مان سفارش جو ڪلچر ختم ڪيو ويو آهي. ملتان ريجن ۾ 15 سيڪڙو کان وڌيڪ بجلي چوريءَ جون رپورٽون آهن، جنهن جي روڪٿام لاءِ سخت قدم کنيا پيا وڃن، ان سلسلي ۾ انتظاميه کي فري هينڊ ڏنو ويو آهي، ان جو چوڻ هو ته اسان جو هدف آهي ته سمورن ميٽرز کي سمارٽ ميٽرز تي ??نتقل ڪيو وڃي جنهن جو فائدو سنگل ۽ ٿري فيز صارفين کي ٿيندو. وفاقي وزير چيو ته بجلي صارفين جي سهولت ۽ شڪايتن تي ??وري ڪا??روائيءَ لاءِ هيلپ لائن ج?? نظام کي وڌيڪ مؤثر بڻايو پيو وڃي، ان کان اڳ وفاقي وزير ميپڪو جي آفيس ۾ اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلاس دوران هيلپ لائن نظام جي بهتري ميپڪو ڪا??ڪردگي ۽ پنجاب حڪومت طرفان بجلي جي صارفين کي 45 ارب رپين جي رليف کي شاندار انداز سان صارفين تائين پهچائڻ لاءِ تجويزن تي به ??ال??ه ٻولهه ٿي.