اسلام آباد- 20 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز ??ادق ڪالهه شهيد پائليٽ راشد منهاس (نشان حيدر) جي 53 هين يوم شهادت تي کيس خراج عقيد?? پيش ڪن??ي چيو آهي ته راشد منهاس شهيد بي مثال بهادري ۽ جرعت جو مظاهرو ڪري قوم جو ڳاٽ فخر سان اونچو ڪيو، قوم سندس قرباني ۽ شجاعت کي هميشه ياد رکندي. اڱاري ڏينهن شهيد راشد منهاس جي 53 هين يوم شهادت جي موقعي تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پنهنجي پيغام ۾ چيو ته کيس خراج عقيد?? پيش ڪيان ٿو. شهيد وطن جي حفاظت خاطر پنهنجي حياتي جو نظرانو پيش ڪيو. اسپيڪر چيو ته اسان جي هٿياربند فوج ملڪ خاطر لازوال قربانيون پيش ڪيون آه??. ج??ڪا ملڪ جي دفاع لاءِ ڪنهن به قرباني کان ناهي ڪيٻائيندي.