ڪراچي-11 جولاءِ (اي پي پي) وفاق?? گهرو وزير محسن نقوي ڪراچي جي سولجر بازار ۾ شاهه شهيدان امام بارگاهه جو دورو ڪيو ۽ ??يڪيورٽي انتظامن جو معائنو ڪيو. گهرو وزير محسن نقوي جي مولانا آيت الله عقيل الغربي ۽ سنڌ جي اڳوڻي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باق?? سان ملاقات ڪئي. ان موقعي ت?? گهرو وزير چيو ته شاهه شهيدان امام بارگاهه تي سيڪيورٽي ۽ ٻيا انتظام بهتر آهن، وفاق محرم الحرام ۾ امن امان جي فضا برقرار رکڻ لاءِ سمورن صوبن سان رابطي ۾ آهي. محرم الحرام دوران امن امان برقرار رکڻ لاءِ سمورن صوبن جي ضرورتن کي پورو ڪري رهيا آهيون. مولانا آيت الله عقيل الغربي ۽ مقبول باقر امن امان جي بهترين انتظامن ت?? گهرو وزير جو ٿورو مڃيو.