اسلام آباد – 02 – جولائي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان ريلوي ??اري اڳوڻي وفاقي وزير ۽ عوامي نيشنل پارٽي جي سينيئر اڳواڻ غلام احمد بلو?? ملاقات ڪئي جنهن ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي، سيڪيورٽي ۽ امن امان جي صورتح??ل تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر ان ??وق??ي تي چيو ته ملڪي مسئلن جي حل، سياسي ۽ معاسي استحڪام جي لاءِ سمورين سياسي پارٽين جو گڏ هلڻ ضروري آهي، اهم قومي معاملن تي سمورين سياسي پارٽين سان مشاورت ۽ اتفاق راءِ لازمي آهي. غلام احمد بلور صدر آصف علي زرداري کي ٻيو ڀيرو صدر جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني.