بيجنگ – 07 – جون (اي پي پي) وزيراعظم مح??د شهباز ش??يف جو عظيم عوامي هال پهچڻ تي چين جي وزيراعظم لي ڪي ڪي??نگ استقبال ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم مح??د شهباز ش??يف چين جي وزيراعظم سان پنهنجي وفد جو تعارف ڪرايو. وزيراعظم چين جي پيپلز لبريشن آرمي جي دستي گارڊ آف ??نر پيش ڪيو. وزيراعظم چيني وزيراعظم سان گڏ گارڊ آف ??نر جو معائنو ڪيو. ان موقعي تي ٻنهي ملڪن جا قومي ترانا پڻ وڄايا ويا.