لاهور-28 مئي (اي پي پي) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي جنرل ڪائونسل اڳوڻي وزيراعظم محمد نو??ز شريف کي بنا مقابلي مرڪزي صدر چونڊي ورتو. پارٽي جي مرڪزي صدر جي چونڊن لاءِ مسلم ليگ (ن) جي جنرل ڪائونسل جو اجلاس مقامي هوٽل ۾ ٿيو. اجلاس ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نو??ز شريف، وفاقي وزيرن عطا الله تارڙ، تنوير حسين، امير مقام، خواجه محمد آصف، احسن اقبال، پنجاب جي سينئر وزير مريم اورنگزيب، مسلم ليگ (ن) جو مرڪزي اڳواڻ حمزه شهباز شريف، پرويز رشيد، اقبال ظفر جهڳڙا، راجا ظفر الحق، خواجه سعد رفيق، راڻا ثناءُ الله، شيزه فاطمه، برجيس طاهر، تهمينه دولتانه، حنيف عباسي، خرم دستگير، جاويد لطيف، رانا اقبال سميت آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان سميت چئني صوبن کان ميمبرن شرڪت ڪئي. پارٽي صدارت جي چونڊن لاءِ راڻا ثناءُ الله جي سربراهي ۾ پنج رڪني ڪميٽي جوڙي وئي، جنرل ڪائونسل جي اجلاس ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر مسلم ليگ (ن) راڻا ثناءُ الله خان صدر جي چونڊن لاءِ نامزدگي ڪاغذن جي جاري ڪرڻ ۽ اسڪروٽني جي حوالي سان آگاهه ڪيو. هن ٻڌايو ته مقرر وقت تائين 10 نامزدگي ڪاغذ مليا جن مان محمد نو??ز شريف کي صدر طور اميدوار نامزد ڪيو و??و. جانچ پ??تال ۾ سمورا نامزدگي ڪاغذ ضابطي موجب درست قرار ڏنا ويا. راڻا ثناءُ الله جي موجب صدر جي چونڊن ۾ نواز شريف واحد اميدوار آهي جنهن جا ڪاغذ مليا ۽ منظور ٿيا. پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي جنرل ڪائونسل جوا جلاس صدر جي چونڊن لاءِ پارٽي آئين تحت عمل ۾ آندو و??و جنهن جي مڪمل تائيد ۽ منظوري ڏيندي اجلاس محمد نو??ز شريف کي مسلم ليگ (ن) جو صدر قرار ڏي ٿو. جنرل ڪائونسل جي ميمبرن قراراداد جي حق ۾ اٿي تائيد جو اظهار ڪيو، ان موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف مبارڪون ڏيندي چيو ته پارٽي محمد نو??ز شريف تي جنهن اعتماد جو اظهار ڪيو آهي اهو ان جي ڏاهپ ڀري قيادت جو چٽو ثبوت آهي، الله جو شڪر آهي ته پارٽي جيڪا ذميواري مون کي ڏني ان مان موثر انداز سان سرخرو ٿيو آهيان، ان موقعي تي مريم نو??ز شريف، حمزه شهباز، خواجه آصف ۽ ٻين پارٽي عهديدارن صدر چونڊجڻ تي محمد نو??ز شريف کي مبارڪون ڏنيون. ان کان اڳ اليڪشن منعقد ڪرائڻ جي حوالي سان تفصيل بيان ڪندي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو ته 2017ع تي هڪ سازش تحت نو??ز شريف کي نااهل ڪيو و??و، انهن حالتن ۾ قائد محمد نو??ز شريف جي ڊائريڪشن تي صدارت محمد شهباز شريف کي سونپي وئي ۽ هن واضح طور تي چيو هو ته هي صدارت مون وٽ امانت آهي ۽ آئون ان امانت کي ان وقت تائين سنڀاليندس جيستائين ضروري هوندو، هن چيو ته ڊسمبر 2022ع تي اسان جي جنرل ڪائونسل ۽ اليڪشن ٿيڻي هئي پر محمد شهباز شريف جي خواهش هئي ته محمد نو??ز شريف اچي ته اسان جنرل ڪائونسل اجلاس ۾ ئي امانت ان جي حوالي ڪري ڇڏيون، محمد نو??ز شريف آڪٽوبر 2023ع ۾ واپس آيو ۽ اوهان سڀني ان جو والهاڻو استقبال ڪيو ان کانپوءِ محمد شهباز شريف 11 مئي 2024ع تي مسلم ليگ (ن) جي صدارت تان استعيفا ڏئي ڇڏي، 18 مئي 2024ع تي ماڊل ٽائون ۾ سينٽرل ورڪنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو و??و ته 28 مئي 2024ع تي جنرل ڪائونسل جي جلاس ۾ نئين صدر جي چونڊ ڪئي وي??دي. اڄ 28 مئي تي جنرل ڪائونسل جي چونڊن لاءِ رانا ثناءُ الله جي سربراهي ۾ اليڪشن ڪميشن جوڙيو و??و ۽ متفقه طور تي محمد نو??ز شريف کي مسلم ليگ (ن) جو صدر چونڊيو و??و آهي.