اسلام آباد – 19 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف موسمياتي تبديلي جي چئلينج کي م??هن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل قدمن تي زور ڏيندي پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ ان شعبي ۾ پنهنجي تعاون کي مض??وط ڪرڻ جي تجويز ڏني آهي. وزيراع??م آفيس جي م??ڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ گڏيل عرب امارات (يو اي اي) جي صدر شيخ محمد بن زيد النهيان جي وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطو ٿيو. وزيراعظم گڏيل عرب امارات جي حڪومت ۽ عوام جي ان بلند حوصلي، مض??وط ع??م ۽ بي مثال ڪارڪردگي کي ساراهيو جنهن سان هن تازين برساتن سان پيدا ٿيندڙ چئلينجن جو مقابلو ڪيو. هن گڏيل عرب امارات جي صدر کي ساراهيو جنهن هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي شاندار قائداڻي صلاحيتن جو مظاهرو ڪيو ۽ اماراتي عوام جي ڀلائي کي يقيني بڻايو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ به ڪجهه ڏينهن ۾ وڏيون برساتون پيُون آهن جنهن جي نتيجي ۾ ڪيتريون ئي قيمتي جانيون ضايع ٿيون آهن. وزيراعظم موسمياتي تبديلي جي چئلينج کي م??هن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل قدمن تي زور ڏنو ۽ تجويز ڏني ته ٻئي م??ڪ ان شعبي ۾ پنهنجي تعاون کي مض??وط ڪن. گڏيل عرب امارات جي صدر وزيراعظم جي نيڪ خواهشن کي ساراهيندي پاڪستان ۾ برساتن ۽ ٻوڏ کان متاثر ماڻهن جي لاءِ پنهنجي نيڪ خواهشن ۽ جذبن جو اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن گهڻ رخي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.