اسلام آباد – 17 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان چين سان دوستاڻن لاڳاپن ۽ مع??شي حصيداري کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جو خواهشمند آهي، پاڪستان ۾ ڪم ڪندڙ چيني مهمانن جي سيڪيورٽي جي مع??ملي ۾ ڪنهن به قسم جو ڪو ٺاهه نه ڪيو ويندو، چيني ڪمپنيون ملڪ ۾ درآمد ٿيل ڪوئلي سان هلندڙ پاور پلانٽس کي مقامي ڪوئلي تي منتقل ڪرڻ ۽ ڪوئلي جي کاڻين جي کوٽائي جي منصوبن ۾ وڌيڪ سيڙپڪاري ڪن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن شنگهائي اليڪٽرڪ گروپ جي ??يئ??مين وو لي جي سربراهي ۾ وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٿر ڪول بلاڪ ”ون“ پاور جنريشن ڪمپني جو ??يئ??مين ۽ چيف ايگزيڪويٽو آفيسر مينگ ڊونگ هائي، اقتصادي مع??ملن وارو وفاقي وزير احد خان چيما، توانائي وارو وفاقي وزير سردار اوي?? احمد خان لغاري، پيٽروليم وارو وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق مسعود ملڪ، ڊپٽي ??يئ??مين پلاننگ محمد جهانزيب خان ۽ لاڳاپيل ادارن جا اعليٰ آفيسر شريڪ هئا. ملاقات ۾ وزيراعظم کي پاڪستان ۾ شنگهائي اليڪٽرڪ گروپ جي سرپرستي ۾ هلايا ويندڙ مختلف منصوبن جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. ملاقات ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان جي چين سان دوستاڻي لاڳاپن ۽ مع??شي حصيداري کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ چين جي دوستي سمنڊ کان گهري ۽ هماليه کان بلند آهي. پاڪستان ۾ ڪم ڪندڙ چيني ڪمپنين ۽ انهن جي ملازمن جي لاءِ سيڪيورٽي جي فراهمي ۾ ڪنهن به قسم جو ٺاهه نه ڪيو ويندو. وزيراعظم شنگهائي اليڪٽرڪ گروپ کي ملڪ م درآمد ٿيل ڪوئلي سان هلندڙ پاور پلانٽس کي مقامي ڪوئلي تي منتقل ڪرڻ ۽ ڪوئلي جي کاڻين جي کوٽائي جي منصوبن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي دعوت ڏني. هن چيو ته موجوده منصوبن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان حڪومت چيني سيڙپڪارن کي سموريون سهولتون فراهم ڪندي. اجلاس ۾ وفد وزيراعظم کي مختلف منصوبن جي هيستائين جي اڳڀرائي تي بريفنگ ڏني. شنگهائي اليڪٽرڪ گروپ پاڪستان ۾ ٿر ڪول مائن ڊيولپمينٽ ۽ 1320 ميگاواٽ جي ڪوئلي سان توانائي پيدا ڪرڻ جي منصوبي تي ڪم ڪري رهيو آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته شنگهائي اليڪٽرڪ گروپ چين پاڪستان اقتصادي لنگهه منصوبي تحت پاڪستان ۾ ڪم ڪندڙ چين جي وڏين ڪمپنين مان هڪ آهي ۽ پاڪستان ۾ شنگهائي اليڪٽرڪ گروپ جي منصوبن جي ذريعي ساليانو 400 ملين ڊالر جي قيمتي پرڏيهي ناڻي جي بچت ٿي رهي آهي.