اسلام آباد– 26 – مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري تربت ۾ نيول بيس تي دهشتگردن جو حملو ناڪام بڻائڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي کي ساراهيندي ملڪ مان دهشتگردي جي مڪمل ??اتمي جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر آصف علي زرداري پنهنجي بيان ۾ چيو ته حملي کي ناڪام بڻائڻ جي لاءِ سيڪيورٽي فورسز جي وقت ۽ موثر جوابي ڪارروائي ساراهه جوڳي آهي. صدر ڪليئرنس آپريشن جي ذريعي دهشتگردن جو صفايو ڪندڙ جوانن جي بهادري کي پڻ ساراهيو. صدر آپريشن دوران شهادت ماڻيندڙ ??پا??ي نعمان فريد کي پڻ خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر شهي?? جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي، گهرڀ??تي?? جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.