اسلام آباد – 06 – مارچ (اي پي پي) خاتون اول بيگم ثمينه علوي ملڪي ترقي ۾ عورتن جي ڪردار جي اهميت تي زور ڏيندي چيو آهي ته عورتن کي زندگي جي هر شعبي ۾ با??ختيار بڻائڻ کانسواءِ ترقي پسند ۽ جامع معاشرو ممڪن نه آهي. بهبود ايسوسيئيشن آف پاڪستان پاران عورتن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان منعقد هڪ تقريب کي خطاب ڪندي ثمينه علوي چيو ته اها هر هڪ جي ذميواري آهي ته هو ڇوڪرين ۽ عورتن کي مناسب تعليم ۽ تربيت فراه?? ڪرڻ جي لا??ِ سازگار ماحول کي يقيني بڻائي ته جيئن اهي باوقار زندگي گذاري سگهن. عورتن کي با??ختيار بڻائڻ ۾ ايسوسيئيشن جي ڪردار کي ساراهيندي هن چيو ته بهبود ايسوسيئيشن پنهنجي قائم ٿيڻ کان وٺي هيستائين اٽڪل 10 لک عورتن کي مختلف شعبن ۾ هنر ۽ تربيت فراه?? ڪري با??ختيار بڻايو آهي. هن چيو ته عورتون ملڪ جي ڪل آبادي جو اڌ آهن ۽ ملڪ جي معاشي ترقي کي يقيني بڻائڻ جي لا??ِ انهن جي شموليت تمام ضروري آهي، ملڪ ۾ عورتن جي خواندگي جي شرح مردن جي ڀيٽ ۾ تمام گهٽ آهي، پاڪستان کي گلوبل جينڊر گيپ انڊيڪس ۾ 147 ملڪن مان 142 جي موجوده درجابندي کي بهتر ڪرڻ جي پڻ ضرورت آهي. هن چيو ته عورتن جي خواندگي جي شرح ۾ بهتري سان ملڪ جي مجموعي خواندگي جي شرح پاڻ ئي بهتر ٿي ويندي. ڇاتيءَ جي ڪينسر با??ت آگاهي پي??ا ڪرڻ جي پنهنجي مهم جي حوالي سان ثمينه علوي چيو ته ان بيماريءَ جي جلد تشخيص کي يقيني بڻائڻ جي لا??ِ پنهنجو معائنو تمام اهم آهي، ڇاتيءَ جي ڪينسر جي جلد تشخيص قابل علاج آهي. اهڙي طرح هن ذهني صحت با??ت آگاهي پي??ا ڪرڻ تي پڻ زور ڏنو جيڪو ذهني دٻاءُ کان بچڻ ۽ ماڻهن کي صحتمند رکڻ جي لا??ِ تمام ضروري آهي. هن واپاري برادري تي زور ڏنو ته اهي خاص طور تي معذور ماڻهن جي لا??ِ پي??يواراڻي تربيت جا مرڪز قائ?? ڪرڻ ۾ مدد ڪن ته جيئن اهي پنهنجي پي??ن تي بيهي سگهن ۽ ملڪ جي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگه??. ا?? کان اڳ خاتون اول ايسوسيئيشن جي اسٽاف ۾ شيلڊز ورهايو??. ا?? موقعي تي ليفٽيننٽ جنرل (ر) ڊاڪٽر نگار جوهر چيو ته بهبود ايسوسيئيشن عورتن کي با??ختيار بڻائڻ ۾ اه?? ڪردار ادا ڪري رهي آهي. بهبود ايسوسيئيشن آف پاڪستان جي صدر عابده ملڪ ٻڌايو ته ايسوسيئيشن جي پيلٽ فارم تان 100 بسترن جي اسپتال تعمير هيٺ آهي ۽ هڪ سال جي اندر مڪمل ٿي ويندي. بهبود ايسوسيئيشن جي صدر ثمينه علوي کي بريسٽ ڪينسر ۽ ٻين صحت ۽ سماجي مسئلن با??ت آگاهي پي??ا ڪرڻ ۾ نمايان ڪردار ادا ڪرڻ تي ساراهيو.