اسلام آباد – 11 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي ايم اين اي حا??ي رسول بخش چانڊيو چيو آهي ته بدين ۾ ترقياتي ڪم پهرين ترجيح آهن، عوام کي سهولتون ڏيڻ جي لاءِ پارٽي جون سخت هدايتون آهن، بدين ۾ عورتن ۽ ٻارن لاءِ پارڪ سميت نجي تعليمي ادارن ۾ غريبن جي ٻارن لاءِ ڪوٽا مخصوص ڪرائڻ ۽ ان تي عملدرآمد جي لاءِ قدم کنيا ويندا. اسلام آباد ۾ پنهنجي ??ان ۾ ڏنل آجياڻي ۾ ڳالهائيندي حا??ي رسول بخش چانڊيو چيو ته هاڻي چونڊن ۾ ڪامياب اهو ٿيندو ج??ڪو عوام سان رابطي ۾ هوندو ۽ عوام جا ڪم ڪندو. هن چيو ته بدين ضلعي جي مختلف شهرن ۾ ٻارن ۽ عورتن جي لاءِ پارڪن جي سخت ضرورت آهي، جيڪي پارڪ آهن انهن کي وڌيڪ سهولت ڏئي بهتر بڻايو ويندو. هن چيو ته بدين ۾ ترقياتي ڪم پهرين ترجيح آهن، عوام کي سهولتون ڏيڻ جي لاءِ صدر آصف علي زرداري، پارٽي چيئرمين بلاول ڀ??و زرداري ۽ ادي فريال ٽالپر پاران سخت هدايتون ڏنل آهن. هن چيو ته بدين ضلعي جي غريب ماڻهن جي ٻارن کي نجي تعليمي ادارن ۾ ڪوٽا ڏيارڻ ۽ ان تي عملدرآمد ڪرائڻ جي لاءِ سخت قدم کنيا ويندا. هن چيو ته بدين پاڪستان جو سڀ کان آخر وارو علائقو آهي، جتي غربت سڀ کان وڌيڪ آهي پر اسان عوام کي سهولتون فراهم ڪنداسين. هن چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ هارين جي لاءِ ڪيتريون ئي سهولتون آهن پر ان سهولت کي وڌيڪ وڌايو ويندو ۽ ماڻهن کي آگاهي ڏني ويندي ته جيئن اهي ان ??ان لاڀ پرائي سگهن. هن چيو ته هاڻي چونڊن ۾ اهو ئي ڪامياب ٿيندو ج??ڪو عوام سان رابطي ۾ هوندو ۽ انهن جا ڪم ڪندو. حا??ي رسول بخش چانڊيو چيو ته آئون بدين جي عوام جو ٿورائتو آهيان جنهن مون کي ڪامياب ڪيو آهي. جڏهن ته ان موقعي تي پاڪستان پيپلزپارٽي ٿرپارڪر جي ضلعي صدر سينيٽر انجنيئر گيانچند چيو ته حا??ي رسول بخش چانڊيو کي بدين جي عوام چونڊي پنهنجو هڪ بهتر نمائندو پارليامينٽ ۾ موڪليو آهي، حا??ي رسول بخش چانڊيو جي ڪاميابي عوام جي ڪاميابي آهي. هن چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي غريبن جي پارٽي آهي ۽ حا??ي رسول بخش چانڊيو جي گهر جا دروازا عوام جي لاءِ سدائين جي لاءِ کليل هوندا آهن ۽ هنن وٽ ڪڏهن به امير ۽ غريب جو ڪو به فرق ناهي رهيو، جنهن جي ڪري ئي عوام ايڏا وڏا ووٽ ڏئي کين ڪامياب ڪيو آهي. جڏهن ته ان موقعي تي مير خان چانڊيو، رياض منگي، جانثار مهر، انجنيئر ابراهيم چانڊيو ۽ ٻيون شخصيتون موجود هيون.