اسلام آباد – 28 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارليامان?? معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ اڪيڊمي جديد دور جي گهرجن سان هم آهنگ آهي، اڄ ريڊيو جديد ٽيڪنالاجي سان پنهنجي ٻڌندڙن کي فور?? معلوم??ت فراهم ڪري رهيو آهي، ريڊيو هڪ اهڙي درسگاهه بڻجي چڪو آهي جيڪو نوجوانن کي تربيت ۽ تعليم تائين ??هچ فراهم ڪري رهيو آهي. اها ڳالهه هن پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ اڪيڊمي جي ٻيهر شروعات جي تق??يب کي خطاب ڪندي چئي. اطلاعات ۽ پارليامان?? معاملن واري نگران وفاقي وزير ڦيٿو ڪاٽي پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ اڪيڊمي جي ٻيهر شروعات ڪئي. تق??يب کي خطاب ڪندي اطلاعات ۽ پارليامان?? معاملن واري نگران وفاقي وزير پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ اڪيڊمي جي ٻيهر شروعات تي ريڊيو پاڪستان جي ڊائريڪٽر جنرل سميت سمورن لاڳاپيل ماڻهن کي ساراهيندي چيو ته پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ اڪيڊمي ريڊيو جي پروگرامن جي لاءِ تربيت جو بي مثال ادارو هو جيڪو مالي مشڪلاتن جي ڪري غيرفعال ٿي ويو هو. هن چيو ته اڄ هن اڪيڊمي کي ٻيهر فعال ٿيندي ڏسي خوشي ٿي رهي آهي. هن چيو ته مُون پاڻ سنڌي، سرائيڪي، پنجابي ۽ انگريزي سميت ڪيتريون ئي زبانون ريڊيو جي مدد سان سکيون آهن. هن چيو ته موجوده دور جا نوجوان خوش قسمت آهن، اسان جي دور ۾ انٽرنيٽ جهڙيون جديد سهولتون ميسر نه هيون. هن چيو ته اڄ ريڊيو جديد ٽيڪنالاجي سان پنهنجي ٻڌندڙن ک?? معلوم??ت فراهم ڪري رهيو آهي، ريڊيو هڪ اهڙي درسگاهه بڻجي چڪو آهي جيڪو نوجوانن کي تربيت ۽ تعليم تائين ??اڻ هلي پهچ فراهم ڪري رهيو آهي. نگران وفاقي وزير چيو ته پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ اڪيڊمي جديد دور جي گهرجن سان هم آهنگ آهي جيڪا پاڪستان جي ڏورانهن علائقن جي نوجوانن کي زوم ذريعي پنهنجي تربيتي پروگرامن ۾ شامل ڪري رهي آهي. هن چيو ته جديد ٽيڪنالاجي جي ڪري دنيا جي ڪنهن به حصي مان ريڊيو جي پروگرامن جو حصو بڻجي سگهجي ٿو. مرتضيٰ سولنگي چيو ته ريڊيو پاڪستان اڪيڊمي جي پهرين تربيتي پروگرام ۾ سڄي پاڪستان مان نوجوانن جي شرڪت حوصلي جوڳي آهي. هن چيو ته ميڊيا نئين انقلاب خاص طور تي مصنوعي ذهانت جي تصور سان هم آهنگ ٿي چڪي آهي، هن اڪيڊمي جي ذريعي ريڊيو پاڪستان جي عملي کي به تربيت فراهم ڪئي ويندي. واضح رهي ته پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ اڪيڊمي جي پهرين تربيتي پروگرام ۾ 107 نوجوان شريڪ ٿي رهيا اهن جن ۾ 35 عورتون شامل آهن.