واشنگٽن-02 جنوري (اي پي پي) آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير مسعود خان پاڪستاني ڄاون آمريڪي واپارين کي ٻُ??ايو ته پاڪستان ۾ آمريڪ?? سيڙپڪاري وڌائڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. هن ڪيليفورنيا ۾ قائم پاڪستان آمريڪن چي??بر آف ڪامرس جي چيئرمين وقار علي خان جي اڳواڻيءَ ۾ ورچوئل ميٽنگ دوران چي?? ته اسان جي اولين ترجيح پاڪ- آمريڪا لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ ۽ پاڪستان ۾ آمريڪ?? سيڙپڪاريءَ کي وڌائڻ آهي. موجوده حڪومت مالياتي ادارن کي ملڪي معيشت جي سمورن شعبن ۾ سيڙپڪاريءَ لاءِ سهولتون فراهم ڪرڻ سان گڏوگڏ پُرڪشش مراعتون ب?? ڏئي رهي آهي. هن چي?? ته نئين قائم ڪيل خصوص?? سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل پرڏيه?? سيڙپڪارن لاءِ پاڪستان ۾ منافعي بخش ڪاروبار شروع ڪرڻ جي راهه ۾ موجود رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ لاءِ عملي قدم ک??ي رهي آهي. هن واپاري سرگرمين کي هٿي ڏيڻ ۽ ٻنهي ملڪن جي ڪاروباري برادرين جا لاڳاپا مضبوط ڪرڻ کي ڪردار کي ساراهيندي پاڪ- آمريڪا واپاري ۽ سيڙپڪاري لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ لاءِ آمريڪا ۾ قائم ڪندڙ مختلف چي??برز ۽ واپاري تنظيمن وچ ۾ وڌ ۾ وڌ تعاون جي ضرورت تي زور ڀريو.