اسلام آباد – 01 – جنوري (اي پي پي) نگران ??زي??اعظم انوارالحق ڪاڪڙ هدايت ڪئي آهي ته ڀاڻ جي ذخيره اندوزي ۽ ناجائز منافعي خوري ۾ ملوث عنصرن جي خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي، ڀاڻ جي ذخيره اندوزي سان آبادگارن جو استحصال ڪندڙن کي معاف نه ڪنداسين، يوريا ڀاڻ جي طلب ۽ پهچ جي سخت نگراني ڪئي وڃي. ??زي??اعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب نگران ??زي??اعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته سڄي ملڪ ۾ يوريا ڀاڻ ضرورت موجب دستياب آهي. هن هدايت ڪئي ته ڀاڻ جي ذخيره اندوزي ۽ ناجائز منافعي خوري ۾ ملوث عنصرن جي خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي، ڀاڻ جي ذخيره اندوزي سان آبادگارن جو استحصال ڪندڙن کي معاف نه ڪنداسين. نگران ??زي??اعظم هدايت ڪئي ته سڄي ملڪ ۾ يوريا ڀاڻ جي آبادگارن تائين پهچ کي آسان بڻايو وڃي، يوريا ڀاڻ جي طلب ۽ پهچ جي سخت نگراني ڪئي وڃي. نگران ??زي??اعظم هدايت ڪئي ته لاڳاپيل وفاقي وزارتون صوبائي حڪومتن کي يوريا ڀاڻ جي پيداوار ۽ پهچ جا انگ اکر فراهم ڪري ڀاڻ جي ذخيره اندوزي کي روڪڻ جي لاءِ ڪاررواين ۾ معاونت کي يقيني بڻائين. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته وڌيڪ اسٽاڪ جي لاءِ 2 لک ميٽرڪ ٽن يوريا درآمد ڪئي پئي وڃي. اجلاس ۾ ناڻي واري نگران وفاقي ??زي?? ڊاڪٽر ??مش??د اختر، توانائي واري نگران وفاقي ??زي?? محمد علي، قومي غذائي تحفظ واري نگران وفاقي ??زي?? ڪوثر عبدالله ملڪ، واپار واري نگران وفاقي ??زي?? گوهر اعجاز، نگران صوبائي وڏن ??زي??ن ۽ لاڳاپيل سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.