بيجنگ-29 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ چين جي گنڌارا ثقافتي نوادرات تي ٻڌل 3 مهينن جي ڊگهي گڏيل نمائش چين جي ??هر شينزن جي ميوزيم آف هسٽري اينڊ فوڪ ڪلچر ۾ جاري آهي، ان جو مقصد گنڌارا ثقافت جي ??لڪشي ۽ چين ۽ اوڀر ايشيا تي ان جي گهرن اثرن کي پيش ڪرڻ آهي. چيني ويب سائيٽ چائنا اڪنامڪ نيٽ (سي اي اين) موجب شينزن ميوزم، پاڪستان جي ??ثار قديمه ۽ عجائب گهر جي کاتي ۽ چين جي پيلس ميوزم جي ??نتظام هيٺ گنڌارا هيريٽيج الانگ دا سلڪ روڊ جي ??نوان سان نمائش 24 مارچ 2024ع تا??ين جاري رهندي. نمائش ۾ مجموعي طور تي 203 ثقافتي نوادرات پيش ڪيا ويا آهن جن ۾ پاڪستان جي ??ت عجائب گهرن جا 173 ۽ پيلس ميوزم جا 30 نمونا شامل آهن. پاڪستان کا?? آيل نمونا بنيادي طور تي آثار قديمه جي کوٽائي مان حاصل ٿيا آهن جن ۾ ٻڌ مت جا مجسما، گنڌارا جي پٿر جي ڪم جا تعميراتي جزا ۽ سون ۽ چاندي جون مختلف شيون شامل آهن، جيڪي گنڌارا آرٽ جي ??نداز کي ظاهر ڪن ٿيون. پيلس ميوزم کان ٻڌ مت جا مجسما بنيادي طور تي قديم گنڌارا جي ??لائقي سان تعلق رکن ٿا ۽ قديم شاهراهه ريشم جي ??ريعي تبت ??ي محلن ۾ داخل ٿيا، هي چين ۽ پاڪستان وچ ۾ ثقافتي ۽ فني مٽاسٽا جي ڊگهي تا??يخ کي اجاگر ڪن ٿا.