اسلام آباد – 01 – نومبر (اي پي پي) پرنسپل انفارميشن آفيسر (پي آءِ او) ڊاڪٽر طارق محمود خان چيو آهي ته اشتهارن جي منصفاڻي ورڇ کي يق??ني بڻايو پيو وڃي. جاري ڪيل پڌرائي موجب اها ڳالهه هن منظور سلهري جي قيادت ۾ ربجا (جاويد گروپ) سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. وفد ڊ??ڪٽر طارق محمود خان کي پي آءِ او جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ کيس اخبارن کي در??يش اگهه، ادائيگين جي انفراسٽرڪچر ۽ بلنگ جي مسئلن کان آگاهه ڪيو. ان موقعي تي پرنسپل انفارميشن آفيسر وفد کي يق??ن ڏياريو ته اخبارن جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا ويندا. هن وڌيڪ چيو ته موجوده در??يش ملڪي معاشي چئلينجز جي باوجود اخبارن جون رهتون ڪليئر ڪرڻ جي منصوبابندي ڪري رهيا آهيون جڏهن ته اشتهارن جي منصفاڻي ورڇ کي يق??ني بڻايو پيو وڃي. وفد ۾ حافظ محمد طاهر، عبدالعزيز بٽ، ملڪ زمرد اعواڻ، ذيشان قيوم، ذوالفقار علي ۽ طارق خان شامل هئا.