اسلام آباد_26 آڪٽوبر (اي پي پي ) ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس آزاد ڄم??ن ڪشمير ۽ ڄمون لبريشن سيل جي اهتمام هيٺ 27 اڪ??وبر تي ڪاري ڏينهن جي موقعي تي اسلام آباد ۾ گڏيل قومن جي ملٽري آبزرور گروپ جي ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويندو . ڪانفرنس طرفان جاري ڪيل بيان مطابق مظاهري جي قيادت آل پارٽيز حريت ڪانفرنس آزاد ڪشمير شاخ جو ڪنوينر محمود احمد ساغر جڏهن ته رياست آزاد ڄم??ن ڪشمير حڪومت جي نمائندگي وزير احمد رضا قادري ڪندو . مظاهري بعد گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي نالي معاهدو پيش ڪيو ويندو .