لاهور-28 سيپٽمبر (اي پي پي) تعليم ۽ پيشوراڻي تربيت واري نگران ??فا??ي وزير مدد علي سنڌي چيو آهي ته نگران ??فا??ي حڪومت پنهنجي وسيلن اندر رهندي نيشنل ڪاليج آف آرٽس (اين سي اي) لاهور کي سموريون ممڪنه سهولتون فراهم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. اداري جا شاگرد لازوال صلاحيتن جا مالڪ آهن. اهڙو اظهار هن نيشنل ڪاليج آف آرٽس ۾ تصويري نمائش ”ڪرافٽنگ هسٽريز پراجيڪٽ“ جي افتتاح جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. نگران ??فا??ي وزير چيو ته اهڙيون نمائشون نوجوان نسل کي پنهنجي ثقافتي ورثي بابت آگاهي فراهم ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿينديون. هن چيو ته منهنجي لاءِ هتي اچڻ ڪنهن اعزاز کان گهٽ ناهي. اين سي ??ي 150 سال پُراڻو ادارو آهي، اداري کي جيڪي ماڻهو هلائي رهيا آهن اهي ملڪي خدمتن ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. هن ان خواهش جو اظهار ڪيو ته هن اداري ۾ هڪ ميوزيم پڻ هئڻ گهرجي، ان ميوزيم ۾ برصغير جي 1857ع کانپوءِ ??ون سموريون تصويرون ۽ انهن سان لاڳاپيل شيون رکيون وڃن. هن چيو ته مون کي اميد آهي ته هن ميوزم جي پيڙهه جو پٿر مان پاڻ ئي رکندس ميوزم ۾ تاريخي تصويرون رکيون وينديون ته جيئن عوام کي پاڪستان ۽ برصغير جي تاريخ جي ??وا??ي سان آگاهي حاصل ٿئي.