نيويارڪ – 19 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وز??را??ظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پائيدار ترقياتي هدفن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ 5 اهم شعبن خوراڪ جي پي??اوار، بنيادي ڍانچي ۾ سيڙپڪاري، صنعتڪاري، صحت جي سارسنڀال جي لچڪدار نظام ۽ ڊيجيٽل ورڇ کي ختم ڪرڻ جي حوالي سان قدم اڻٽر آهن، ??يس ڊي جيز تي اڳڀرائي کي ڪوويڊ، تڪرارن ۽ موسمياتي تبديلي جي ڪيترن بحرانن جي ڪري تمام وڏا ڌچڪا لڳا آهن، چين جو بيلٽ اينڊ روڊ انيشيٽو ۽ چين پاڪستان اقتصادي لنگهه پائيدار ترقياتي هدفن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ اهم ذريعو آهن. وز??را??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وز??را??ظم انوارالحق ڪاڪڙ گلوبل ڊيولپمينٽ انيشي ايٽو (جي ڊي آئي) تعاون جي نتيجن ت?? اعليٰ سطحي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. جي ڊي آئي جي تجويز چيني صدر شي جن پنگ 20 سيپٽمبر 2022ع تي ڏني هئي. اجلاس ۾ ڳالهائيندي نگران وز??را??ظم ان ڳالهه تي روشني وڌي ته پائيدار ترقياتي هدف (ايس ڊي جيز) جي حاصل ڪرڻ طرف اڳڀرائي کي ڪوويڊ، تڪرارن ۽ موسمياتي تبديلي جي ڪيترن ئي بحرانن جي ڪري شديد ڌچڪا لڳا آهن. هن جي ڊي آئي جي لاءِ پاڪستان جي حمايت جو اظهار ڪيو ۽ ان کي لاڳو ڪرڻ سان حاصل ٿيندڙ سنگ ميل کي ساراهيو. نگران وز??را??ظم زور ڏنو ته چين جو بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو ۽ پاڪستان چين اقتصادي لنگهه ايس ڊي جيز حاصل ڪرڻ جي لاءِ اهم ذريعو آهن. هن 5 اهم شعبن ۾ قدمن جي ضرورت تي روشني وڌي. انهن شعبن ۾ خوراڪ جي پي??اوار، بنيادي ڍانچي ۾ سيڙپڪاري، صنعتڪاري، صحت جي سارسنڀال جي لچڪدار نظام ۽ ڊيجيٽل ورڇ کي ختم ڪرڻ شامل آهن. نگران وز??را??ظم ترقياتي عمل جي سڀني سطحن تي مناسب سيڙپڪاري جي ضرورت کي وڌيڪ اجاگر ڪيو ۽ صدر شي جن پنگ طرفان جي ڊي آئي لاڳو ڪرڻ جي لاءِ 10 ارب ڊالر جو هڪ ٻيو فنڊ قائم ڪرڻ ج?? اعلان جي آجيان ڪئي. نگران وز??را??ظم چيو ته پاڪستان ۽ چين گروپ آف فرينڊز آف جي ڊي آئي جي ٻين ميمبرن سان گڏجي پنهنجي تعاون کي وڌائڻ جو منتظر آهي ته جيئن ايس ڊي جيز تي عملدرآمد جي لاءِ ان جي اجتماعي خواهش کي پورو ڪري سگهجي. تقريب ۾ چين جي نائب صدر هان زينگ، گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي صدر ڊينس فرانسس ۽ ٻين اعليٰ عهديدارن خطاب ڪيو. ان موقعي تي جي ڊي آئي تعاون تي هڪ وڊيو بريفنگ ۽ پريزنٽيشن پڻ پي?? ڪئي وئي.