اسلام آباد – 21 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف زراعت، معدنيات، کاڻ کوٽائي، آءِ ٽي ۽ توانائي جي شعبن ۾ دوست ملڪن پاران سيڙپڪاري حاصل ڪرڻ جي لاءِ منصوبن جي م??ظو??ي ڏيندي هدايت ڪئي آهي ته انهن منصو??ن تي عملدرآمد ۽ انهن کي عملي جامعو پارائڻ جي لاءِ دلچسپي ظاهر ڪندڙ سيڙپڪارن کي ڀرپور سهولتون ڏنيون وڃن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب معاشي بحالي پلان جاري ڪرڻ ۽ پاڪستان حڪومت پاران اسپيشل انويسٽمنٽ فيسلي ٽيشن ڪائونسل (ايس آئي ا??ف سي) قائم ڪرڻ جي تسلسل ۾ ايپڪس ڪميٽي جو ٻيو اجلاس ٿيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ چيف آف آرمي اسٽاف جنرل سيد عاصم منير، وڏا وزير، وفاقي ۽ صوبائي وزير ۽ اعليٰ عملدار شريڪ ٿيا. ايپڪس ڪميٽي ا??س آئي ا??ف سي جي ڪارڪردگي ۽ سيمينارز منعقد ڪرڻ ۽ منصوبن جي ا??تتاح جي ذريعي ا??ڪاني سيڙپڪارن تائين پهچ جي حڪمت عملي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ايپڪس ڪميٽي وزيرن پاران ايس آئي ا??ف سي ت??ت سيڙپڪارن جي لاءِ تيار ڪيل مختلف منصوبن جو جائزو ورتو. اجلاس جي پڄاڻي تي ڪارائتي ڳالهه ٻولهه ۽ اتفاق راءِ کانپوءِ وزيراعظم زراعت، معدنيات، کاڻين جي کوٽائي، آءِ ٽي ۽ توانائي جي شعبن ۾ دوست ملڪن پاران سيڙپڪاري حاصل ڪرڻ جي لاءِ منصوبن جي م??ظو??ي ڏني ۽ هدايت ڪئي ته انهن منصو??ن تي عملدرآمد ۽ انهن کي عملي شڪل ڏيڻ جي لاءِ دلچسپي ڏيکاريندڙ سيڙپڪارن کي ڀرپور سهولتون ڏنيون وڃن.