اسلام آباد – 03 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ??ريف اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ۽ اسٽيٽ لائيف انشورنس جي وچ ۾ ملڪي ميڊيا ??ائ??سز سان واڳيل صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز ۽ فلم انڊسٽري سان واڳيل فنڪارن ۽ فني ڪارڪنن جي لاءِ صحت انشورنس ڪارڊ جي مفاهمتي ياداشتن تي صحيحن واري تقريب ۾ شرڪت ڪئي. ان منصوبي تحت سمورن ميمبرن کي صحت بابت هنگامي خرچن جي لاءِ ساليانو 15 لک رپين جي صحت انشورنس مهيا ڪئي ويندي. وزيراعظم آف??س جي ميديا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم تقريب کي خطاب پڻ ڪندو. وزيراعظم محمد شهباز ??ريف اسلام آب??د ۾ مختلف ترقياتي منصوبن جو افتتاح ڪندو ۽ پيڙهه جو پٿر رکندو. انهن منصوبن ۾ بهاره ڪهو باءِ پاس جو افتتاح ۽ سرينا چوڪ انڊر پاس جي تعمير جي پيڙهه جو پٿر شامل آه??. انهن موقعن تي وزيراعظم تقريبن کي خطاب پڻ ڪندو. وزيراعظم محمد شهباز ??ريف اسلام آب??د ۾ ڊيجيٽل يوٿ هب جو افتتاح ڪندو. وزيراعظم جي پاڪستان جي باصلاحيت نوجوانن جي ترقي جي ويزن تحت نوجوانن کي هڪ ئي ڊيجيٽل پليٽ فارم تان تعليم جي عالمي معيار جي سهولتن، روزگار، ٻين تعميراتي سرگرمين ۽ ماحوليات جي حوالي سان آسان پهچ فراهم ڪندو. وزيراعظم تقريب کي خطاب پڻ ڪندو.