اسلام آباد – 25 – جولاءِ (اي ??ي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڊيره ا??ماعيل خا?? ۾ 8 ترقياتي منصوبن جو افتتاح ۽ پيڙهه جو پٿر رکي ڇڏيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف هڪ ڏينهن جي دوري تي ڊيره ا??ماعيل خا?? پهتو جتي هن مختلف ترقياتي منصوبن جو افتتاح ڪيو ۽ پيڙهه جو پٿر رکيو. ان موقعي تي پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان، مواصلات واري وفاقي وزير اسعد محمود، توانائي واري وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير، پيٽروليم واري مملڪتي وزير مصدق کانسواءِ علائقي جي معززين ۽ اڳواڻن جو وڏو انگ موجود هو. وزيراعظم جن 8 وڏ?? ترقياتي منصوبن جو افتتاح ڪيو ۽ پيڙهه جو پٿر رکيو، انهن ۾ يارڪ کان پهاڙپور روڊ، بنون چوڪ کان موٽروي روڊ، ڊيره ا??ماعيل خا?? باءِ پاس، يارڪ کان ٽانڪ سميت مختلف رابطا روڊن، 2020 ڪي وي سب اسٽيشن ۽ تيل ۽ گئس جي فراهمي جا منصوبا شامل آهن.