پشاور – 11 – جولاءِ (اي پ?? پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بونير يونيورسٽي جي هوشيار شاگرد کي پ??هنجي ڪرسيءَ تي ويهاريو. يوٿ پروگرام تحت باصلاحيت شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ ليپ ٽاپ ورهائڻ ۽ فاٽا يونيورسٽي جي افتتاحي تقريب ۾ بونير يونيورسٽي جي هوشيار شاگرد رحمان علي کي به خطاب جو موقعو ڏ??و ويو. رحمان علي پ??هنجي تقرير ۾ وزيراعظم جي ليپ ٽاپ اسڪيم کي ساراهيو ۽ چيو ته هي ليپ ٽاپ نه پر هڪ خزانو آهي مون به ليپ ٽاپ وٺڻ چاهيو پئي پر منهنجي والد جي لاءِ گهر جي خرچن سان گڏوگڏ ليپ ٽاپ خريد ڪرڻ ممڪن نه هو، هاڻي هن ??سڪيم تحت مون کي به ليپ ٽاپ ملي رهيو آهي، جنهن ??ي مون کي تمام گهڻي خوشي آهي. ليپ ٽاپ حاصل ڪند?? شاگرد ۽ شاگردياڻيون ملڪ جو مستقبل آهن. سڀاڻي وزيراعظم جي ڪرسيءَ تي انشاءَ الله اهي ئي ماڻهو ويهندا، رحمان علي جي انهن ??ملن تي وزيراعظم شهباز شريف سميت هال ۾ موجود سمورن ماڻهن ??اڙيون وڄائي ان کي داد ڏنو. وزيراعظم پنهنجي سيٽ تان اٿي رحمان علي کي ڀاڪر پاتو ۽ ان سان شفقت جو اظهار ڪيو ۽ ان جي حوصلا افزائي ڪئي ۽ پوءِ رحمان علي کي آڻي پ??هنجي سيٽ تي ويهاريو.