اسلام آباد-09 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پروفيسر وارث مير ڏاڍ آڏو حق جو ڪلمو پڙ??ند?? وطن سان محبت ڪندڙ شخص هو. وزيراعظم آفيس طرفان جاري بيان مطابق وزيراعظم شهباز شريف مشهور صحافي، ??ستاد ۽ دانشور پروفيسر وارث مير کي سندس ورسي تي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته هو ڏاڍ سامهون حق جو ڪلمو پڙ??ند?? ۽ وطن سان محبت ڪندڙ شخص هو. وزيراعظم چيو ته پروفيسر وارث مي?? سچ لکڻ واري قلم ۽ حق سچ ڳالهائڻ جو وارث هو. سندس حق سچ چوڻ جي روايت سندس بهادر پٽ اڳيان وڌائي رهيا آهن. هن چيو ته هو ان قافلي جو حصو هو جنهن اصولن تي سمجهوتو نه ڪيو ۽ سچ ڳالهائڻ ۾ ڪنهن مصلحت جو شڪار نه ٿيو. وزيراعظم چيو ته وارث مير پنهنجي ضمير ۽ تاريخ جي عدالت ۾ سرخرو ٿيو، الله تعاليٰ مرحوم جا درجا بلند فرمائي ۽ سندس پونئرن کي صبر عطا فرمائي.