اسلام آباد – 07 –جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي خصوصي ماڻهن کي مالي طور تي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ سرڪاري ۽ نجي شعبن ۾ روزگار ڏيارڻ جون ڪوششون تيز ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته مارڪيٽ ۾ مختلف نو??رين جي لاءِ خصوصي ماڻهن جي موزونيت جو تعين عالمي معيارن موجب ڪرڻ گهرجي ۽ انهن کي مالي طور تي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ نو??ريون ڳولڻ ۾ سهولت فراهم ڪرڻ گهرجي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ايوان صدر ۾ معذوري جي درجابندي ۽ نوعيت جي فريم ورڪ بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ انساني حقن، نيشنل هيلٿ سروسز ريگيوليشن اينڊ ڪوآرڊينيشن واري وزارت، نيوٽيڪ ۽ نادرا جي سينيئر عملدارن ۽ صحت جي عالمي اداري جي نمائندي ڊاڪٽر مريم ملڪ اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي صدر چيو ته هنرمند خصوصي ماڻهن جي نو??ري جي لاءِ امڪاني آجرن جي نشاندهي ڪرڻ گهرجي ۽ پهرين مرحلي ۾ نجي شعبي ۾ وڏن آجرن سان رابطو ڪرڻ گهرجي ته جيئن انهن جي مهارت موجب انهن کي ايڊجسٽ ڪري سگ??جي. هن چيو ته ڪاروباري ۽ صنعتي شعبن ۾ خصوصي ماڻهن جي نمائندگي وڌائي وڃي ته جيئن انهن کي مڪ جو پيداواري شهري بڻائي سگ??جي. صدر قومي ۽ صوبائي سطحن تي عالمي معيارن ۽ بهترين طريقن موجب تيار ڪيل معذوري جي درجابندي جي فريم ورڪ کي اختيار ڪرڻ جي ضرورت تي زو?? ڏنو. هن وڌيڪ چ??و ته اهو فريم ورڪ معزوري جي نوعيت سان گڏوگڏ خصوصي ماڻهن جي مارڪيٽ ۾ نو??رين جي لاءِ موزونيت جو تعين ڪرڻ ۾ مدد ڪندو. هن معذوري جي سرٽيفڪيٽس کي اردو ۾ ترجمو ڪري عام ماڻهن جي لاءِ پهچ جوڳو ۽ پڙهڻ جي قابل بڻائڻ تي پڻ زو?? ڏنو. هن لاڳاپيل ڌرين تي زو?? ڏنو ته اهي سڄي ملڪ ۾ هڪ جهڙي درجابندي جي فريم ورڪ ۽ معذوري جي سرٽيفڪيٽ کي اختيار ڪرڻ جي لاءِ صوبن سان پنهنجي هم آهنگي کي بهتر بڻائين جنهن سان خصوصي ماڻهن کي تمام وڌيڪ سهولت مل??دي. صدر ميڊيا ۾ خصوصي ماڻهن جي ڪاميابي کي اجاگر ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ زو?? ڏنو ته جيئن انهن جي حوصلا افزائي ٿي سگهي. صدر انساني حقن جي وزارت تي زو?? ڏنو ته اها سرڪاري ۽ نجي شعبن ۾ خصوصي ماڻهن جي لاءِ نو??ريون ڳولڻ جي سلسلي ۾ پنهنجي ڪوششن کي تيز ڪري.