اسلام آباد – 07 –جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وز??ر مريم اورنگزيب پنج گولڊ ميڊل کٽيندڙ حافظ آباد جي قابل ۽ محنتي نوجوان ??حس?? علي کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته اهو قابل رشڪ ۽ فخر جوڳي ??حس?? علي جي ڪاميابي جي ڪهاڻي ئي نه پر تعليم جي ذريعي نوجوانن جي زندگي ۽ معاشري ۾ تبديلي آڻڻ جي ولولي انگيز ويزن ۽ سوچ جي ڪاميابي جو هڪ بهترين مثال پڻ آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات واري وفاقي وز??ر چ??و ته پنج گولڊ ميڊل کٽيندڙ حافظ آباد جي ڳ??ٺ ميان رحيما جي ان قابل ۽ محنتي نوجوان ??حس?? علي پاڪستان جي نوجوانن کي ڪاميابي جو راز سمجهايو. پنجاب جي وڏي وز??ر طور شهباز شريف ??حس?? علي جهڙي سوين ذهين پر غريب نوجوان ٻارن ۽ ٻارڙين جي سرپرستي ڪئي، تعليمي وظيفا، ٻاهرئين ملڪ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ جا موقعا ڏيئي انهن جي حوصلا افزائي ۽ سرپرستي ڪئي جيڪي اڄ قائد محمد نواز شريف ۽ شهباز شريف جي يوٿ پروگرام جي ڪاميابي جا روشن ستارا بڻجي چڪا آهن ۽ ان ويزن جي ڪاميابي جي گواهي ڏئي رهيا آهن. اطلاعات واري وفاقي وز??ر چ??و ته اڄ ??حس?? علي انهي ميو ڪاليج لاهور ۾ ليڪچرار آهي جنهن جي ويجهو موجود تندور ۾ هو مانيون لڳائي پنهنجي خاندان جي لاءِ حلال رزق ڪمائي رهيو هو. هن چيو ته وز??راعظم شهباز شريف اڄ ??حس?? علي کي ڪروڙين پاڪستانين جي آڏو ڇاتي سان لڳائي شاباس ڏني. هڪ شاباس نواز شريف ۽ شهباز شريف کي به ملڻ گهرجي جن جي ويزن ??حس?? علي ۽ ان جهڙن سوين غريبن کي ڪاميابي جي ان منزل تائين پهچڻ ۽ پنهنجا خواب سچ ڪري ڏيکارڻ ۾ عملي مدد ڪئي، اهو هوندو آهي ويزن، اها هوندي آهي عوام جي چونڊيل قيادت.