اسلام آباد – 06 –جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان هڪ ڀيرو ٻيهر ڀارتي حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته هو ڀارت جي ??ير??انوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ شهرين جا عدالت کان مٿانهان قتل کي بند ڪري ۽ ڪشميري عوام جي خلاف طاقت جي ا??ڌاڌند اس??عمال کان پاسو ڪري. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته هن عيد تي ڀارت جي ??ير??انوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ اس??ن جي ڀينرن ڀائرن کي هڪ ڀيرو ٻيهر عيد جي خوشين ۾ شرڪت کان روڪيو ويو. هن چيو ته قابض عملدارن سرينگر جي تاريخي جامع مسجد ۽ مرڪزي عيدگاهه ۾ عيد جي نماز جي ادائيگي تي پابندي لڳائي ڇڏي، جامع مسجد جي مهتمم ۽ ناليوارو ڪشميري اڳواڻ مير واعظ عمر فاروق آگسٽ 2019ع کان مسلسل گهر ۾ نظربند آهي ۽ هو 200 کان وڌيڪ هفتن کان جامع مسجد ۾ جمعي جي اجتماعن کي خطاب نه ڪري سگهيو. ترجمان چيو ته اس??ن ڀارتي عملدارن تي زور ڏيون ٿا ته مير واعظ عمر فاروق کي آزاد ڪيو وڃي ۽ ڪشميرين تي هنيل انهن پابندين کي ختم ڪيو وڃي جيڪي ا??هن کي آزادي سان پنهنجي مذهب تي عمل ڪرڻ کان روڪين ٿيون. ترجمان چيو ته هلندڙ هفتي اس??ن ڪشميري نوجوان اڳواڻ برهان مظفر واني کي پڻ ياد ڪريون ٿا، جنهن جي ستين ورسيءَ 8 جولاءِ تي ملهائي ويندي. برهان واني ا??هن سوين ڪشميري نوجوانن مان هڪ هو جيڪو ڀارتي قابض فوج جي هٿان عدالت کان مٿانهون قتل جو نشانو بڻيو. هن چيو ته ڪشميري عوام جي مقامي تحريڪ آزادي جي آواز جي طور تي ا?? کي خراج عقيدت پيش ڪندي اس??ن هڪ ڀيرو ٻيهر ڀارتي حڪومت کان مطالبو ڪريون ٿا ته اها عدالت کان مٿانهان قتل بند ڪري ۽ ڪشميري عوام جي خلاف طاقت جي ا??ڌانڌند اس??عمال کان پاسو ڪري.