اسلام آباد – 05 –جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪيپٽن ڪرنل شير خان شهيد کي سندس 24 ??ين شهادت جي ڏهاڙي تي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ت?? پاڪستاني قوم پنهنجي شهيدن جي سدائين قرضدار ر??ندي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته مون سميت سڄي قو?? ڪيپٽن ڪرنل شير خان شهيد کي ان جي 24 ??ين شهادت جي ڏهاڙي تي خراج عقيدت پيش ڪري ٿي، تاريخ گواهه آهي ته قومن جو وجود، ترقي ۽ بقاءِ شهيدن جي مقدس رت جي ٿورائتي آهي. ڪيپٽن ڪرنل شير خان شهيد بهادري جو مثال هو، جنهن ملڪ جي دفاع لاءِ لازوال جرئت جو مظاهرو ڪيو. پاڪستاني قوم پنهنجي شهيدن جي سدائين قرضدار ر??ندي ۽ ان جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪندي رهندي.