اسلام آباد – 10 مئي (اي پي پي) رٿابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو ??هي ته پاڪستان کي معاشي، سماجي ۽ سيڪيورٽي ??ميت مختلف محاذن تي چئلينجز درپيش آه?? ۽ حڪومت انهن چئلينجز مان سرخرو ٿيڻ لاءِ ڏينهن رات ڪوششون ڪري رهي آه??، پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو 27.5 ملين ٽن ڪڻڪ جي بمپر پيداوار ٿي آه?? جنهن سان معاشي استحڪام لاءِ هاڪاري نتيجا نڪرندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسلام آباد سيڪيورٽي ڊائيلاگ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. اها تقريب نيشنل سيڪيورٽي ڊويزن ۽ پرڏيهي وزارت منعقد ڪئي. تقريب ۾ سيفران ۽ پرڏيهي وزارت جي رٽائرڊ آفيسرن به شرڪت ڪئي. وفاقي وزير احسن اقبال چيو ??ه 2013ع کان 2018ع جي وچ ڌاري حڪومت ملڪ مان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ڪيترائي قدم کنيا پر بدقسمتي سان پاليسين جي عدم تسلسل ۽ گذريل حڪومت جي نااهلي سبب ملڪ ۾ دهشتگردي هڪ دفعو ٻيهر اڀرڻ لڳي. هن چيو ??ه موجوده حڪومت قومي اتفاق راءِ سان دهشتگردي جي پاڙ کان پٽڻ لاءِ پرعزم آه??، دهشتگردي کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو. هن چيو ??ه پاڪستاني قوم ۽ هٿياربند فوج دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ ڪيتريون ئي قربانيون ڏنيون آه?? ۽ انهن قربانين کي رائيگان نه وڃ?? ڏنو ويندو. عالمي امن جي قيام لاءِ دهشتگردي جي خاتمي جي حوالي سان پاڪستان پنهنجي تجربن جي مٽاسٽا باقي دنيا سان ڪرڻ لاءِ تيار آه??. هن چيو ??ه پاڪستان، افغانستان سميت پوري خطي ۾ پائيدار امن لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهيو ??هي ۽ مستحڪم ۽ خوشحال افغانستان پرامن ۽ مستحڪم پاڪستان لاءِ اڻٽر آه??. احسن اقبال چيو ??ه پاڪستان ڀارت سميت پنهنجي سمورن پاڙيسري ملڪن سان بهترين لاڳاپن جو علمبردار آه??. گڏيل حڪومت معاشي استحڪام لاءِ ننڍي مدي ۽ ڊگهي مدي وارن منصوبن جو آغاز ۽ ان تي عملدرآمد ڪرڻ جي حڪمت عملي جو آغاز ڪيو ??هي. هن چيو ??ه 5 اي فريم ورڪ تحت روانگي واپار ۾ اضافو، توانائي بحران جي خاتمي، ماحولياتي چئلينجز کي منهن ڏيڻ، انفارميشن ٽيڪنالاجي جي بنياد تي گورننس جي قيام، تعليمي شعبن ۾ نواڻ لاءِ سهولتن جي فراهمي ۽ هر زندگي جي شعبي ۾ سمورن طبقن جي هڪجهڙي حصيداري کي يقيني بڻائڻ شامل آه??. پاڪستان ڪوپ 27 ۾ ماحوليات جي حوالي سان پنهنجو ڪيس ڀرپور انداز ۾ وڙهيو ۽ دنيا جي سامهون پاڪستان کي موسمياتي تبديلين ۽ ان جي اثرن بابت آگاهه ڪيو. هن چيو ??ه حڪومت اسلام آباد سيڪيورٽي ڊائيلاگ جي سفارشن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندي.