اسلام آباد – 04 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم مح??د شهباز شريف اتر وزيرستان ۾ پاڪ فوج جي 6 جوانن ??ي شهادت تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو آهي ته دهشتگردي جي خلاف جنگ ڪيتري ئي ڊگه?? ڇو نه هجي اسان جي بهادر هٿياربند فوج قوم جي تعاون سان دهشتگردي کي پاڙ کان پٽي اڇلائيندي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اسان جي سيڪيورٽي فورسز، پوليس ۽ انٽيليجن?? ڪميونٽي جون عظيم قربانيون ملڪ کي دهشتگردي ۽ عسڪريت پسندي جي لعنت کان بچائڻ جي لاءِ اسان جي اڻٿڪ قومي عزم جو مظهر آهن. هن سوڳوار خاندانن ??ان دلي تعزيت ۽ مرحومن جي مغفرت لاءِ دعا ڪئي.