اسلام آباد – 24 – مئي (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير ??لا??ل ڀٽو زرداري اتر وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز تي دهشتگرد حملي جي سخت مذمت ڪ??دي چ??و آهي ته خودڪش ڌماڪي ۾ سيڪيورٽي فورسز ۽ پوليس جي جوان جي شهادت تي دلي افسوس ٿ??و آهي. هن پنهنجي بيان ۾ چيو ته چيڪ پوسٽ تي پنهنجون ذميواريون ادا ڪ??دي ملڪ جي قابل فخر فرزندن جانيون قربان ڪيون. اهي سرحدن جا محافظ ۽ قوم جا هيرو آهن قوم انهن هيروز کي سدائين ياد رکندي. هن چيو ته مون کي شهيدن جي خاندانن سان همدرديءَ آه??. پ??ڏيهي وزير خودڪش ڌماڪي ۾ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا پڻ ڪئي ۽ چيو ته پنهنجي ڌرتي کي ملڪ دشمنن کان پاڪ ڪرڻ جي لاءِ اسان پرعزم آهيون، دهشتگردن ۽ انهن جي سرپرستن جو عبرتناڪ انجام ٿيندو.