اسلام آباد – 17 ?? مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان پاڪستان ۾ ڏکڻ ڪوريا جي سفير سوسنگ پئيو ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ ڏکڻ ڪوريا جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري جي شعبي ۾ تعاون جي نئين موقعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ۽ ڏکڻ ڪوريا جي وچ ۾ تاريخي ۽ دوستاڻا لاڳاپا آهن. هن چيو ته ڏکڻ ڪوريا جي واپارين جي لاءِ پاڪستان ۾ ٽيڪ??ال??جي سميت مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جا تمام گهڻا موقعا موجود آهن، پاڪستان ڏکڻ ڪور??ا کي مختلف شعبن ۾ تربيت يافته انساني وسيلا فراهم ڪري رهيو آهي ۽ ان کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ چاهي ٿو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ڏکڻ ڪوريا سان اعليٰ سطح جي رابطن سميت ثقافتي ورثي جي شعبي ۾ تعاون وڌائڻ جي خواهش ??و پڻ اظهار ڪيو.